سڳالچند مڪواڻو

سڳالچند مڪواڻو

سڳالچند مڪواڻو

سڳالچند مڪواڻو: ٿرپارڪر جي مشهور سماجي ورڪر ۽ ڪانگريسي اڳواڻ، ڪامريڊ سڳالچند ولد سترامداس مينگھواڙ جو جنم، 11 اپريل 1914ع تي تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ آڌيگام ۾ ٿيو. پرائمري تعليم ڪانگريس پاران جوڙايل پرائمري اسڪول آڌيگام ۾ ورتائين، جڏهن ته مئٽرڪ جو امتحان ممبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. سيڪنڊري تعليم گانڌي آشرم اسڪول ننگر پارڪر مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد کيس جـلد ئي روينيو کاتي ۾ ڪلارڪيءَ جي نوڪري مـلـي وئي، جتي ڪجھه عرصو ڪم ڪرڻ بعد کيس ترقي ڏئي اسسٽنٽ مختيارڪار بڻايو ويو، ان عرصي ۾ هن ننگر پارڪر، ساماري ۽ ميرپورخاص ۾ نوڪري ڪئي.
سڳالچند ڪانگريسي لڏي سان واڳيل هو، تنهنڪري هن پنهنجن ٻين ساٿين سان گڏجي پارڪر جي پٺتي پيل ڳوٺن ۾ ڪانگريس جي سهڪار سان ڪيترائي اسڪول کولرايا، جنهن ۾ شيڊيول ڪاسٽ جا شاگرد آسانيءَ سان تعليم پرائي سگھندا هئا. جيتوڻيڪ ورهاڱي کان اڳ انگريزن جي دور ۾ پارڪر تي ٺاڪرن جو اثر رسوخ وڌيڪ هو، اسڪولن ۾ مينگھواڙ، ڪولهي ۽ ڀيل گڏ ويهي پڙهي نه سگھندا هئا، اهڙيءَ طرح ان وقت ننگرپارڪر شهر ۾ هيٺين طبقي وارين ذاتين جي ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻيءَ جي وڏي تڪليف هوندي هئي، ڪجھه صاف پاڻيءَ جا کوهه هوندا هئا، جن تي ٺاڪرن ۽ ٻين قبيلن جو قبضو هوندو هو. ڀيل، ڪولهي ۽ مينگھواڙ ذاتين جي لاءِ پيئڻ جو پاڻي سدائين مسئلو هوندو هو. سڳالچند ۽ سندس ساٿين ڪانگريس جي پليٽفارم تان ’شريمتي وڄڪورٻا‘ جي سهڪار سان 1935ع ۾ هريجنن لاءِ الڳ کوهه کوٽرايو، جنهن کي هن وقت ’آشرم‘ کوهه سڏيو وڃي ٿو.
ڪامريڊ سڳالچند جي دل ۾ سدائين مظلوم ۽ مسڪين ماڻهن جو احساس هوندو هو، نوڪريءَ دوران هو وقت ڪڍي رات جو ڳوٺن ۾ وڃي تعليم، صفائي ۽ سماجي ريتن رسمن تي ليڪچر ڏئي معاشري جي ترقي، سڌاري ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙيندو رهندو هو.
هن سماجي مسئلن جي حل لاءِ ’پارڪر مينگھواڙ پنچائت‘ قائم ڪئي. ڪو به سماجي مسئلو پيدا ٿيندو هو ته هڪدم پنچائت ڪوٺائي ان کي گڏيل حڪمت عمليءَ سان حل ڪيو ويندو هو.
هن 52-1953ع وارين عام چونڊن ۾ ننگرپارڪر جي اقليتي مخصوص سيٽ لاءِ اسسٽنٽ مختيارڪار جي نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي، اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ راڻي چندرسنگھه سامهون بيٺو. هن پنهنجي ذات جي ماڻهن کي ووٽ جي اهميت جو احساس ڏياريو.
سڳالچند مڪواڻي 19 جولاءِ 1978ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1914.04.11  عيسوي

ٿرپارڪر جي مشهور سماجي ورڪر ۽ ڪانگريسي اڳواڻ، ڪامريڊ سڳالچند ولد سترامداس مينگھواڙ جو جنم، 11 اپريل 1914ع تي تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ آڌيگام ۾ ٿيو.


1978.07.19  عيسوي

سڳالچند مڪواڻي 19 جولاءِ 1978ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀڳت تيرٿ گر
اسحاق بلوچ
خديجه خانم دائود پوٽو
ايشور ڀارتي
ديبلي ابو جعفر محمد بن ابراهيم
زوار بسنت
سهراب سومرو
جيوترام ويڙهومل مٽائي
آخوند حاجي دين محمد
شيخ عبدالحفيظ ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون